ممبئي: (ويب ڊيسڪ) نالي وارو بالي ووڊ اداڪار عامر خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي ڪري خبرن جي زينت بڻجي ويو آهي.هندستاني (ڀارتي) ميڊيا رپورٽن موجب، عامر خان جلد ئي پنهنجي ويجهي ساٿي گوري سپراٽ سان ٽين شادي ڪرڻ وڃي رهيو آهي.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر خان ۽ گوري سپراٽ گذريل هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان گڏ رهي رهيا آهن ۽ ٻنهي پنهنجي زندگيءَ کي خوشگوار ۽ مستحڪم انداز ۾ اڳتي وڌايو آهي. رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شاديءَ جي تقريب 5 جولاءِ تي ٿيندي، جنهن ۾ صرف ويجهن مائٽن ۽ خاندان جي ماڻهن کي گهرائڻ جو امڪان آهي، ۽ اها تقريب عامر خان جي رهائشگاهه تي سادگيءَ سان ملهائي ويندي. واضح رهي ته عامر خان هميشه پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي ميڊيا جي توجهه کان پري رکڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي، ان ڪري هن ڀيري به هو ڪنهن وڏي عوامي يا شاندار پروگرام بدران هڪ محدود ۽ خانداني تقريب جو انتخاب ڪري رهيو آهي.










