عامر خان جي 91 سالن جي ماءُ فلمي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو

عامر خان جي 91 سالن جي ماءُ فلمي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)جتي بالي ووڊ اسٽار عامر خان جي ايندڙ فلم ‘ستاري زمين پر’ پنهنجي ڪهاڻي جي ڪري ناظرین جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، هاڻي هن فلم ۾ هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه به سامهون آئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، عامر خان جي 91 سالن جي ماءُ زينت خان فلم ستاره زمين پر سان فلمي دنيا ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪري رهي آهي.عامر خان ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته سندس ماءُ فلم ۾ هڪ شادي جي گيت ۾ نظر ايندي، جيڪو پهريون ڀيرو هوندو جڏهن هوءَ اسڪرين تي نظر ايندي. عامر خان چيو ته عام طور تي امّي ڪڏهن به اهو نه چوندي آهي ته هوءَ شوٽنگ لاءِ اچڻ چاهي ٿي. پر هڪ ڏينهن اوچتو صبح جو هن فون ڪيو ۽ پڇيو، ‘توهان ڪٿي شوٽنگ ڪري رهيا آهيو؟ اسان به شوٽنگ لاءِ اچڻ چاهيون ٿا.’عامر چيو ته هن فوري طور تي ڪار موڪلي ۽ سندس ڀيڻ سندس ماءُ کي سيٽ تي وٺي آئي. ماءُ ويل چيئر تي هئي ۽ سيٽ تي شادي جو گيت شوٽ ٿي رهيو هو، جتي هر ڪو خوشيءَ سان ناچ ڪري رهيو هو. فلم جي هدايتڪار آر ايس پرسنا هن موقعي کي يادگار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو.عامر خان جي مطابق، فلم جو ڊائريڪٽر مون وٽ آيو ۽ چيو، “سائين، جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض نه آهي، ته ڇا توهان پنهنجي ماءُ کي گاني ۾ مهمان طور شامل ٿيڻ لاءِ چئي سگهو ٿا؟ هي فلم جو آخري گانو آهي، اهو هڪ شادي جو منظر آهي. مان هن کي فلم جو حصو بڻائڻ چاهيان ٿو, عامر خان پهرين ته هٻڪيو، ۽ چيو ته هن ۾ پنهنجي ماءُ کي اهو ٻڌائڻ جي همت نه هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ ضدي هئي. عامر چيو ته مون چيو، ‘ڇا تون چريو آهين؟ مون ۾ همت ناهي ته پنهنجي ماءُ کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چوان.’ پر جڏهن مون آخرڪار هن کان پڇيو، ته منهنجي ماءُ چيو، ‘ها، اهو ٺيڪ آهي،’ ۽ پوءِ مان حيران ٿي ويس.

پهنجو تبصرو موڪليو