اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي.پرڏيهي خابرو اداري موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت ۾ 3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.برطانوي خام تيل برنٽ آئل 75 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي خام تيل جي قيمت 71 ڊالر في بيرل جي سطح تي آهي. ٻئي طرف عالمي سطح تي گيس جي قيمت ۾ 40 سينٽ جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب گئس 2 ڊالر 47 سينٽ في ايم ايم بي ٽي يو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.










