اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ برنٽ خام تيل جي قيمت اڍائي مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ خام تيل جو اگهه 77 ڊالر کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ خام تيل 74 ڊالر 45 سينٽس ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ياد رهي ته ٻنهي معيارن جي قيمتن ۾ گذريل هفتي 5 ڏينهن تائين مسلسل اضافو ٿيو ۽ ٻنهي قسمن جو خام تيل جمعه آڪٽوبر کان پوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.










