اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي اهم پيغام ۾ چيو ته پاڪستان دنيا سان گڏجي ٻارن جي ڀلائي، تعليم ۽ تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن سال ٻارن جو عالمي ڏينهن 2025 منهنجو ڏينهن، منهنجا حق جي موضوع هيٺ ملهايو پيو وڃي، جيڪو ٻارن جي بنيادي حقن، انهن جي ترقي ۽ زندگي جي اهم مسئلن جي تڪميل تي ڌيان ڏئي ٿو.هن زور ڏنو ته ڪنهن به ملڪ جو مستقبل ان جي ٻارن سان ڳنڍيل آهي، تنهن ڪري عالمي سطح تي ٻارن جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ گڏيل تعاون ضروري آهي.هن چيو ته ذهني ۽ جسماني ترقي، مڪمل تحفظ ۽ معياري تعليم ۽ تربيت ٻارن جي حقن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻارن جي حقن جي تڪميل لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي اثرائتي قدم کڻڻ وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي. پاڪستان جي حڪومت عالمي برادري سان گڏ ان سلسلي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.شهباز شريف چيو ته ٻارن خلاف تشدد جي واقعن کي روڪڻ لاءِ پڻ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، ۽ ملڪ ۾ باصلاحيت ٻارن کي جديد تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ دانش اسڪول پروجيڪٽ تي پڻ تيزي سان ڪم جاري آهي.وزيراعظم ياد ڏياريو ته تعليم جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، حڪومت ملڪ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد فوري طور تي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي دائري ۾ آڻڻ آهي.هن سڀني والدين، استادن ۽ سماج کي اپيل ڪئي ته اهي ٻارن جي حقن ۽ انهن جي بهتر تعليم جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. آخر ۾، وزيراعظم عهد ڪيو ته پاڪستان پنهنجي ٻارن کي محفوظ، خوشحال ۽ تعليم يافته مستقبل ڏيڻ لاءِ پنهنجي پوري طاقت سان ڪوشش ڪري رهيو آهي.










