عالمي برادري اسرائيل جو احتساب ڪري: وزيراعظم

عالمي برادري اسرائيل جو احتساب ڪري: وزيراعظم

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي برادري اسرائيل جو احتساب ڪري. وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ملاات ٿي، جنهن ۾ شهباز شريف سربراهي ڪانفرنس جي آجيان ڪندي چيو ته اها ترقي پذير ملڪن لاءِ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن ڀارت جي جارحاڻي ڪارروائين جي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ تڪرار جي حل تي زور ڏنو. شهباز شريف فلسطينين خلاف اسرائيلي ڪارروائين جي به مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته غزا ۾ فوري طور ۽ غير مشروط جنگبندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته خود مختيار فلسطيني رياست ۽ تخت گاهه القدس الشريف جي حمايت ڪيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو