عاطف جو زال کي 13 هين شادي جي سالگرهه تي پيار ڀريو پيغام

عاطف جو زال کي 13 هين شادي جي سالگرهه تي پيار ڀريو پيغام

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني ڳائڻي عاطف اسلم پنهنجي زال سارہ ڀروانا لاءِ پنهنجي 13 هين شادي جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ پيار ڀريو پيغام شيئر ڪيو.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي، ڳائڻي پنهنجي زال سان گڏ ورتل يادگار تصويرون پنهنجن مداحن سان شيئر ڪيون. هن تصويرن سان گڏ هڪ دل کي ڇهندڙ ڪيپشن پڻ لکيو.عاطف اسلم لکيو ته، “هي اها ڇوڪري آهي جنهن 13 سال اڳ اڄ کان ٻين سڀني ڇوڪرين جا دل ٽوڙي ڇڏيا پر منهنجي دل کي زندگي لاءِ خوش ڪيو،”ان ڏينهن کان وٺي هر لمحو اسان جي زندگين جو هڪ خوبصورت باب رهيو آهي، الحمدالله،” هن چيو ڳائڻي پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي لکيو ته، “جيستائين مان توهان سان نه مليس، مون کي خبر نه هئي ته پيار ايترو طاقتور ٿي سگهي ٿو.” عاطف اسلم جي پوسٽ کي مداحن طرفان تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ کيس شادي جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏئي رهيا آهن. واضح رهي ته عاطف اسلم ۽ سارا ڀروانا جي شادي 2013 ۾ ٿي هئي ۽ انهن جا ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو