عابده پروين جي پٽ جي نئين انداز سان ميوزڪ مارڪيٽ ۾ انٽري

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) جڳ مشهور صوفي گلوڪاره عابده پروين ۽ ناليواري ريڊيو پروديوسر غلام حسين شيخ جي فرزند سارنگ لطيف کي سرن جو آواز تي ڄمندي ئي ڪنن ۾ پيو هو، تنهن ڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ميوزڪ کان ڌار رهي سگهي. 2013 ۾ هن پنهنجو سنگيت جو سفر شروع ڪيو ۽ مختلف گلوڪارن سان ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڪم ڪندي ڪندي نيٺ هن پنهنجو سولو سفر شروع ڪيو آهي ۽ هن پنهنجي امڙ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پنهنجي تخليق، پروڊڪشن ۽ ڊائريڪشن ۾ بزم رنگ جي نالي سان البم تيار ڪيو آهي. 10 گانن تي مشتمل پهرين مرحلي ۾ رليز ٿيندڙ البم ۾ عابده پروين جا اڪيلي ۽ ٻين فنڪارن سان گڏ ڳايل ڪلام شامل آهن، جن ۾ عاطف اسلم به آهي. هن ٻڌايو ته پنج ڇهه سالن کان سوچيم پئي ۽ منهنجي گهرواري شيرين بجاراڻي جي تجويز تي پنهنجي اسٽوڊيو ۾ ريڪارڊنگ ڪئي. هن ٻڌايو ته اها تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته امڙ جا جيڪي 138 البم رليز ٿيا آهن انهن ۾ ڪلامن جي چونڊ ۽ ڪمپوزيشن ۾ 99 سيڪڙو ڪم امڙ پان ڪيو آهي. هن چيو ته هو آن لائن البم رليز ڪري پيو ڇو ته اڄڪلهه ماڻهو ٽي وي گهٽ يوٽيوب ۽ فيسبڪ وڌيڪ استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته ٻئي البم ۾ راحت تفح علي ۽ ٻين فنڪارن کي شامل ڪندو. هن ٻڌايو ته سندس ڪوشش آهي ته هر عمر جي ماڻهو کي هن جي ڪم مان لطف اچي. ( بشڪريه ڊان جنهن لاءِ هي اسٽوري ثمين عامر ڪئي)

پهنجو تبصرو موڪليو