ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره عائزه خان مڙس دانش تيمور کان الڳ ٿيڻ جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.نئين ڏينهن ۾ عائزه خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه نمايان تبديليون ڪيون، ان کان علاوه اڪائونٽ تان دانش سان گڏ تصويرون به هٽايون ويون، جنهن تي مداح حيران ٿيا.اداڪاره جي ذاتي زندگيءَ بابت افواهن ۾ ان وقت وڌيڪ اضافو ٿيو جڏهن هن مڙس دانش تيمور جي ڊرامي ”همراهي“ جي فائنل پريميئر تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي.تنهن هوندي به هاڻي عائزه خان هڪ فين پيج جي سوال جو جواب ڏيندي انهن افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.اداڪاره واضح ڪيو ته سندس طلاق يا الڳ ٿيڻ بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون بي بنياد ۽ جعلي آهن.عائزه جي ان ردعمل بعد مداحون به سوشل ميڊيا تي مختلف انداز ۾ جذبات جو اظهار ڪري رهيا آهن. ڪجهه واپرائيندڙن جوڙي کي الڳ نہ ٿيڻ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته ڪجهه سوال اٿاريو ته جيڪڏهن افواهون بي بنياد آهن ته پوءِ عائزه دانش سان تصويرون ڇو هٽايون؟ياد رهي ته عائزه خان ۽ دانش تيمور کي شوبز انڊسٽريءَ جي معروف جوڙي سمجھيو ويندو آهي جنهن کي مداح ٻه حد پسند ڪن ٿا.










