جروار( رپورٽ محمد بخش گبول) ڀڳت ڪنور رام جي جنم ڀومي جروار ۾ صوفي درگاه جهانپور شريف جي صوفي فنڪارن پاران جروار ۽ ڀرپاسي جي علائقن جو سير ڪيو ويو ، گيڙو ويس پهريل صوفي فقيرن جروار شھر جي مختلف پاڙن ۾ ڪنور ڀڳت رام ۽ صوفي شاعر انور شاه جا صوفياڻا ڪلام يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائي ۽ جهونگاري محبت ،امن ، ڀائپي ۽ رواداري جو درس ڏيندا رهيا ۔ شھري صوفي فقيرن جي ڳايل ڪلامن تي گڏ ٿي ويا کيس ڀرپور داد پڻ ڏيندا رهيا ۔ حضرت انسان نفسا نفسي جي دور ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويا آهيون جو اسان کان انسانيت جو مفهوم به وسري ويو آهي ۔ راڳ روه جي غزا آهي ، صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ لاء نڪتا آھيون ته جيئن سماج مان ڪدورت ۽ ڪيني کي تڙي ڪڍون ۔ صوفي راڳي،درگاھ جهانپور جي صوفي فنڪارن پاران جروار ۽ ڀرپاسي جي علائقن جو سير ڪيو ويو ، جروار جي مختلف پاڙن ۾ صوفياڻا ڪلام يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائي ۽ جهونگاري محبت ،امن ، ڀائپي ۽ رواداري جو درس ڏيندا رهيا ۔ شھري صوفي فقيرن جي ڳايل ڪلامن تي گڏ ٿي ويا کيس ڀرپور داد پڻ ڏيندا رهيا ۔ ۔صوفي فنڪار سيد صدام شاھ مختيار فقير، ڪجل فقير ،امان الله، فقير لياقت فقير ۽ ٻين چيو ته حضرت انسان نفسا نفسي جي دور ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويا آهيون جو اسان کان انسانيت جو مفهوم به وسري ويو آهي ۔ هن وقت هر مذھب ۾ انتها پسندي وارو رجحان تيزي سان پروان چڙھي پيو جنهن مان سڀ کان وڌ انسانيت کي خطرو آهي ، اسين انسانيت ۽ انساني قدرن جي بقا لاء نڪتا آھيون صوفي ازم کي عام ڪري انتهاپسندي جهڙي لعنت کان ڇٽڪارو حاصل ڪري پيار ،پريت محبت ۽ حقيقي ماڻھپي وارو آئيڊيل سماج آڻي سگهون ٿا ، صوفي فنڪارن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته راڳ روح جي غزا آهي ، صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ لاء نڪتا آھيون ته جيئن سماج مان ڪدورت ۽ ڪيني ۽ ھر قسم جي انتهاپسندي کي تڙي ڪڍون ياد رهي ته هر سال صوفي درگاھ جهانپور شريف جا فقير گيڙو ويس پائي صوفياڻا ڪلام ڳائي سير ڪري پيار ۽ محبت جو پيغام ڏيندا آھن ۔










