صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير آپريشن ڪرڻ بدمعاشي آهي

صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير آپريشن ڪرڻ بدمعاشي آهي

پشاور: (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو آهي ته تيراهه ۾ آپريشن صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ زور زبردستي ۽ بدمعاشي جي ذريعي شروع ڪيو ويو.
سهيل آفريدي جي صدارت هيٺ ضلعي خيبر جي صلاحڪارن ۽ اڳواڻن جو جرڳو منعقد ٿيو جنهن ۾ ضلع خيبر ۾ امن امان جي صورتحال ۽ تيراهه مان لڏ پلاڻ ڪندڙ خاندانن کي پيش ايندڙ مسئلن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قومي صلاحڪارن امن جي بحالي ۽ تيراهه متاثرين جي باعزت لڏ پلاڻ بابت تجويزون پيش ڪيون.
وڏي وزير تيراهه متاثرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت تيراهه متاثرين کي هر ممڪن سهوليت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت تيراهه متاثرين کي بي يارو مددگار نه ڇڏيندي، تيراهه مان لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ پوري قوم متحد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو