صنم سعيد ۽ محب مرزا جي گهر ننڍڙي  مهمان جي آمد

صنم سعيد ۽ محب مرزا جي گهر ننڍڙي مهمان جي آمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪاره صنم سعيد ۽ اداڪار محب مرزا پنهنجي پٽ جي پيدائش جي تصديق ڪئي آهي.اداڪاره سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي پنهنجي پٽ جي پيدائش جي خوشخبري شيئر ڪئي. جوڙي پنهنجي پٽ جو نالو ولي حسن مرزا رکيو ۽ پٽ جي پيدائش جي تاريخ 18 مئي 2025 پڻ ڏني.اداڪاره صنم سعيد پنهنجي پوسٽ ۾ مداحن کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجي پٽ کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکن. صنم سعيد جي پوسٽ تي شوبز انڊسٽري جي ماڻهن ۽ مداحن طرفان مبارڪون ۽ نيڪ خواهشن جو سلسلو جاري هو.اداڪارا ماورا حسين لکيو ته اهو تمام پيارو نالو آهي، هوءَ جلد ئي ننڍڙي خوبصورت سان ملندي. اداڪارا مريم نفيس صنم سعيد کي سندس پوسٽ تي مبارڪباد ڏني، جڏهن ته مداحن طرفان نيڪ خواهشن جو سلسلو پڻ جاري رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو