ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي صدارت هيٺ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس تغلق هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري صنعت ۽ واپار محمد ياسين شير بلوچ، سيڪريٽري ليبر، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سوئي گيس، ڪي اليڪٽرڪ ۽ واپاري برادري جا نمائندا پڻ موجود هئا. صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي صدارت هيٺ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي واٽر بورڊ صنعتي زونن ۾ پاڻي جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو، جڏهن ته صنعتڪارن لي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارا فوڪل پرسنز مقرر ڪندا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سوئي سدرن گيس به صنعتي زونن کي گيس جي بنا ڪنهن رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائيندو.ايم ڊي صنعتي زونز مان حددخلين جي خاتمي کي يقيني بڻائيندو ۽ ان سلسلي ۾ مقامي انتظاميا کان به تعاون طلب ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ لاڳاپيل ڪاروباري ادارن سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪندو ۽ ان ايم او يو تحت صنعتي زونن مان ويسٽ ميٽيريل کنيو ويندو.مزدورن جو کاتو ۽ ماحوليات جو کاتو حڪومت طرفان مقرر ڪيل اجرت ۽ ڪارخاني جي ڪم جي حفاظت کي يقيني بڻائيندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪي اليڪٽرڪ صنعتڪارن کي بجلي جي فراهمي بابت مسئلا حل ڪندي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي صنعتي زونن ۾ قائم صنعتي عمارتن کي ريگيولر ڪندي. اجلاس کي خطاب ڪندي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته صنعتڪارن جا مسئلا سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار سان حل ڪنداسين.










