اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي خالي سيٽ تي مسلم ليگ(ن) جو اميدوار عابد شيخ علي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو.رپورٽ موجب مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي وفاقي وزير عابد شيخ علي کي ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو پر ٻين اميدوارن احسان افضل ۽ عبدالجبار طرفان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ تي عابد شير علي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو.وزيراعظم شهباز شريف عابد شير علي کي سينيٽ چونڊن ۾ بنا مقابلي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهي جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ڪرم سان مسلم ليگ(ن) جي عوامي خدمت جي بدولت هر محاذ تي فتح نصيب ٿي رهي آهي.هن چيو ته عابد شير علي پارٽي جو سرگرم اڳواڻ آهي ۽ هن گذريل دورن ۾ عوامي خدمت سان پنهنجو نالو ٺاهيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عابد شير علي بطور سينيٽر ميان نوازشريف جي لازوال قيادت ۾ ملڪي تعمير، ترقي ۽ عوامي خدمت جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.










