اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فلسطين سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۽ غزه تي قابض صيهوني فوجن جي بربريت کي جلوسن ۽ مظاهرن دوران بي نقاب ڪيو ويندو.صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف فلسطين سان يڪجهتي جي ڏينهن تي پنهنجن پيغامن ۾ فلسطيني عوام جي آخري دم تائين حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام کي هر قسم جي سياسي، سفارتي، انساني ۽ اخلاقي مدد فراهم ڪندو رهندو.هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان غزه امن معاهدي ۾ پڻ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو، اميد آهي ته اسرائيلي ظلم ۽ جارحيت جي ڪري فلسطيني عوام تي ٿيندڙ ناقابل تصور مصيبت کي ختم ڪري سگهجي ٿو.وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطيني سرزمين تان اسرائيل جي مڪمل واپسي کي يقيني بڻائڻ کي ضروري قرار ڏنو.وزيراعظم چيو ته اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۽ منظم نسل ڪشي کي بين الاقوامي قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي.هن چيو ته فلسطيني عوام مثالي، غير متزلزل ۽ مضبوط عزم ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ واضح ڪيو ته هو انصاف، قانونيت، آزادي، وقار ۽ احترام، امن ۽ خوشحالي جي جائز جدوجهد ۾ فلسطينين سان گڏ بيٺو آهي.










