اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري فنلينڊ جي 108 هين آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي فنلينڊ جي عوام کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ فنلينڊ جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان فنلينڊ سان ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ فنلينڊ جمهوريت ۽ ڪثرت جي هڪجهڙا قدر حصيداري ڪن ٿا، فنلينڊ تعليم، جدت ۽ تحقيق ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو.هن چيو ته مسلسل اٺن سالن تائين گلوبل هيپي نيس انڊيڪس ۾ فنلينڊ جو پهريون نمبر ان جي عوام جي تخليقيت ۽ ثابت قدمي جو عڪس آهي، ۽ فنلينڊ سان تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ملڪن ۾ عالمي معاملن تي ويجهي هم آهنگي آهي.صدر زرداري چيو ته واپار، تعليم ۽ گرين ٽرانسشن ۾ تعاون جي وسيع صلاحيت آهي، ڊجيٽلائيزيشن، مائننگ ۽ ٽيليڪام ۾ گڏيل ڪم جي وڏي گنجائش آهي، پاڪستان فنلينڊ سان سياسي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.










