اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اقتصادي ڪائونسل جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪائونسل 13 ميمبرن تي مشتمل آهي جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪندو.قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ وزيراعظم ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير شامل آهن،چئني صوبن مان نگران حڪومتن جا نمائندا به ڪائونسل ۾ شامل آهن. توانائي ۽ صنعت، ڪامرس، سيڙپڪاري ۽ اسڪلنگ جو نگران وزير، پنجاب مان ايس ايم تنوير، سنڌ مان ناڻي، روينيو، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير محمد يونس ڊگھا قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ شامل ڪيا ويا آهن.خيبرپختونخواهه جو ناڻي، روينيو، ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس وارو وزير احمد رسول بنگش ۽ بلوچستان جو ناڻي ۽ روينيو وارو وزير امجد رشيد به قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ شامل آهن.ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملن ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير کي به ڪائونسل جي ميمبرشپ ڏني وئي آهي.










