صدر زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو

صدر زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو

دوحا: (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، صدر ۽ سندس وفد جو حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي قطر جي اعليٰ عملدارن ۽ دوحا ۾ پاڪستاني سفير استقبال ڪيو. صدر آصف علي زرداري کي گلدستو پيش ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري عالمي سماجي ترقي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، پنهنجي اهم خطاب ۾ صدر عالمي برادري کي سماجي ترقي ۽ جامع اقتصادي ترقي لاءِ پاڪستان جي قدمن بابت آگاهي ڏيندو. صدر آصف علي زرداري سماجي تحفظ، غربت گهٽائڻ ۽ ڪمزور گروپن کي بااختيار بڻائڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪردار کي اجاگر ڪندو.صدر دوحا الائنس، سماجي تحفظ ۽ نوڪريون ڪمپيڪٽ جي شروعات لاءِ پاڪستان جي قدمن ۽ عالمي ترقياتي وابستگين سان مطابقت رکندڙ منصوبن تي بحث ڪندو، ۽ سماجي ۽ ماحولياتي تبديلين، ايس ڊي جي محرک ۽ ٻين عالمي قدمن لاءِ مالي وسيلا حاصل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندو.صدر آصف علي زرداري پنهنجي دوري دوران مختلف عالمي ۽ علائقائي اڳواڻن ۽ بين الاقوامي تنظيمن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو