اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري بغداد ۾ مقدس جڳهين تي حاضري ڏني آهي. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي.انهي کان علاوه هن ڪاظميه مقدسه ۾ امام موسيٰ الڪاظم ۽ امام محمدالتقي الجواد جي روضن تي حاضري ڏني. صدر آصف زرداري روضه ڪاظميه ۾ امت مسلمه جي لاءِ امن، اتحاد ۽ سلامتي جي لاءِ دعا ڪئي. جنهن کان پوءِ هن زائرين جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. صدر آصف علي زرداري ائمه اهل بيت جي تعليمات کي علم، صبر، حڪمت ۽ اخلاقي طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو.انهي کان علاوه آصف علي زرداري امام اعظم ابو حنيفه جي مزار تي به حاضري ڏني. صدر آصف علي زرداري سمورن مزارن جي منتظمين ۽ مبلغبين سان به ملاقاتون ڪيون.










