صدر به مڃي ورتو ته عمران اعتماد وڃائي چڪو آهي،مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ (ن)جي نائب صدرمريم نواز  چيو آهي ته نيٺ صدرڊاڪٽر عارف علوي کي به سمجهه ۾ اچي ويو ته وزيراعظم اعتماد وڃائي چڪو آهي، هاڻي قانوني طور حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪميشن کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اليڪشن ڪيمشن اڳ ئي ٻڌائي چڪي آهي ته اسان وٽ آئين ۾ ترميم يا قانوني سازي جو اختيار ناهي، اهو ڪم پارليامينٽ جو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪئي، سپريم ڪورٽ ڪٿي چيو هو ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ٿينديون.اين اي 75 تي ننڍي چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جي حوالي سان مريم نواز چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي ڀروسو آهي ته کين عوام ووٽ ڏيندو ته عدالت بدران ميدان ۾ ڇو نٿا اچن.

پهنجو تبصرو موڪليو