آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس جي ترميمي بلن جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي

آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس جي ترميمي بلن جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پاڪستان آرمي (ترميمي) بل 2025، پاڪستان ايئر فورس (ترميمي) بل 2025 ۽ پاڪستان نيوي (ترميمي) بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر جي منظوري کان پوءِ، اهي ٽئي بل اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جو حصو بڻجي ويا آهن. انهن بلن ذريعي، هٿياربند فوجن سان لاڳاپيل مختلف قانوني شقن ۾ سڌارا ۽ ضروري ترميمون ڪيون ويون آهن. موجوده آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جو عهدو چيف اف ڊفينس فورسز جو ٿي ويندو ۽ جنهن ڏينهن سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيندو ان ڏينهن کان سندس نئين عهدي جو پنج سالن وارو مدو شروع ٿيندو. آرمي ترميمي ايڪٽ موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو عهدو ختم ٿي ويندو ۽ ان جي جاءِ تي ڪمانڊر اسٽريٽجڪ ڪمانڊ مقرر ٿيندو جنهن جو مدو 3 سال هوندو. ٽئي هٿياربند فوجون چيف آف ڊفينس فورسز جي ماتحت هونديون. ياد رهي ته ڪمانڊر اسٽريٽجڪ ڪمانڊ ايٽمي هٿيار به اچن ٿا. حڪومت ٽنهي فورسز بابت قانون ۾ ترميمون جلد بازي ۾ ڪيون هيون ۽ بحث به نه ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو