گڏاڻي جو قتل ڪيس داخل، سنڌ ۾ صحافي سراپا احتجاج

گڏاڻي جو قتل ڪيس داخل، سنڌ ۾ صحافي سراپا احتجاج

حيدرآباد: (ن س) ميرپورماٿيلو ۾ حملي دوران شهيد ٿيل صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جو ڪيس اڃان تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي.سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنز نصرالله گڏاڻي جي قتل جي معاملي جي جاچ لاءِ ٺاهيل جي آءِ ٽي کي رد ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان نئين اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، گهوٽڪي، سجاول، ميهڙ ۽ عمرڪوٽ ۾ صحافين طرفان احتجاج ڪيو ويو ۽ صحافين کي تحفظ ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو.ٻئي پاسي زراعت ۽ راندين واري سنڌ جي صوبائي وزير محمد بخش مهر شهيد صحافي نصرالله جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته جيڪو وارثن جو مطالبو آهي منهنجو به ساڳيو مطالبو آهي ته شهيد نصرالله جا اصل قاتل گرفتار ٿين ۽ انهن کي سزا ڏئي مثال قائم ڪئي وڃي. نصرالله گڏاڻي سچ لکندڙ نڊر صحافي هو.

پهنجو تبصرو موڪليو