صبا قمر ۽ بلال سعيد کي پيشي کان ڇوٽ ملي وئي

صبا قمر ۽ بلال سعيد کي پيشي کان ڇوٽ ملي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ لاهور ۾ اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندن حياتي کي خطرو آهي تنهن ڪري ٻئي فنڪار عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن. عدالت اداڪارن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. خيال رهي ته اداڪارا صبا قمر ۽ اداڪار بلال سعيد جي البم جي هڪ گاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ٻنهي فنڪارن مجاز اختيارين جي اجازت بعد لاهور جي مسجد وزير خان ۾ شوٽنگ ڪئي هئي. وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندي ئي ٻنهي فنڪارن تي تنقيد ڪئي وئي هئي ۽ اڪبري گيٽ ٿاڻي ۾ قلم 295 تحت ٻنهي خلاف ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو. مذهبي ڌرين ۾ تاءَ سبب داخل ڪيس ۾ هنن ضمانت به ڪرائي ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو