صبا فيصل وڏي ڄمار ۾ وزن گھٽائڻ جو آسان طريقو ٻڌائي ڇڏيو

صبا فيصل وڏي ڄمار ۾ وزن گھٽائڻ جو آسان طريقو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڊرامن ۾ ماءُ، سس، وڏي ڀيڻ ۽ ناني جو ڪردار ادا ڪري شهرت ماڻيندڙ اداڪارا صبا فيصل انڪشاف ڪيو آهي ته وڌيڪ وزن رکندڙ عورتن وزن گھٽائڻ جو آسان طريقو ٻڌايو آهي.صبا فيصل تازو ئي رابعه انعم جي رمضان شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن وچين عمر جي عورتن جي فٽنيس ۽ خاص ڪري وزن گھٽائڻ واري معاملي تي کليل دل سان ڳالهايو. صبا فيصل چيو ته سندس ڌيءَ اداڪارا سعديه فيصل به حيران ٿي وئي جڏهن هن وزن گهٽايو ۽ هن به سندس ساراهه ڪئي. اداڪارا جو چوڻ هو ته سندس ڌيءَ سعديه فيصل فٽ رهڻ لاءِ نه رڳو ڊائٽنگ ڪندي آهي پر ورزش جو به بندوبست ڪندي آهي، پر هو منظم طريقي سان فٽ رهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صبا فيصل چيو ته هوءَ جڏهن پرڏيهه يا شهر کان ٻاهر ويندي آهي ته اتي جي کاڌي جي ذائقي موجب ڪجهه وقت لاءِ ڊائٽنگ وساريندي آهي ۽ کاڌي جو مزو ضرور چکندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو