صادق سنجراڻي کي هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

صادق سنجراڻي کي هٽائڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي هٽائڻ لاءِ داخل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ اعتراض واري درخواست تي ٻڌڻي ٿيندي.رجسٽرار آفيس درخواست تي اعتراض ڪندي چيو آهي ته اهڙي ئي درخواست اسلام آباد ۾ به داخل ڪئي وئي آهي.جسٽس شاهد بلال حسن اڄ شهري مشکور حسين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.درخواست ۾ صادق سنجراڻي، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواستگذار استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن صادق سنجراڻي جي سينيٽر جي سيٽ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي.درخواستگذار اها به استدعا ڪئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين طور ڪم ڪرڻ کان روڪي.

پهنجو تبصرو موڪليو