صادق آباد لڳ ٽرين ٽڪر ۽ موٽر وي تي بس ڪلٽي ٻن حادثن ۾26 فوت، 100 کان مٿي زخمي

صادق آباد لڳ ٽرين ٽڪر ۽ موٽر وي تي بس ڪلٽي ٻن حادثن ۾26 فوت، 100 کان مٿي زخمي

ڪشمور/ ڏهرڪي (جي ايم کوسو ۽ وجي ڪمار) صادق آباد جي ويجھو ولھار اسٽيشن لڳ مسافرٽرين اڪبر ايڪسپريس ۽ مال گاڏي جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ابتدائي اطلاعن موجب 15 ڄڻا فوت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته اسلام آباد لڳ موٽر وي تي بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 11 فوت 46 زخمي ٿي پيا. بدترين حادثن ۾ فوتين جو انگ وڌي سگهي ٿو.  

ضلع رحيم يار خان جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ موڪل واري اسٽااف کي به هنگامي بنياد تي طلب ڪيو ويو آهي. ريسڪيو 1122 سڄي ضلعي جي ٽيمن کي واقعي واري هنڌ پهچڻ لاءِ چيو ويو آهي. پوليس ۽ رينجرز به پهتي آهي ۽ امدادي ڪاروايون جاري آهن. رحيم يار خان جي ڊي پي او عمر سلامت ۽ ڊپٽي ڪمشنر جميل احمد جميل واقعي واري ھنڌ پهچي ويا آهن. سڄي ضلعي جي سرڪاري ۽ پرائيوٽ ايمبولنس کي ايمرجنسي ۾ واقعي واري ھنڌ گھرايو ويو. شھرين جو وڏو انگ رت ڏيڻ لاء صادق آباد ۽ رحيم يار خان اسپتال پھچي ويو. فوتين ۾ جروارواسي نوجوان ارشاد ملڪ پڻ شامل آهي.

جروار واسي ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل ارشاد ملڪ جي حياتي جي تصوير

ريل حادثي ۾ شڪارپور واسي هڪ ٻار فوت ۽ ٻيو گم آهي.هوڏانهن وزيراعظم عمران خان ڏک جو اظهار ڪندي ريلوي جي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هو زخمين جي سار سنڀار لهي ۽ ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪري. شيخ رشيد چيو آهي ته حادثو انساني غفلت جو نتيجو آهي سگنل علط مٽجڻ سبب لوپ لائن تي بيٺل مال گاڏي سان مسافر ٽرين ٽڪرائجي وئي آهي. هن فوت ٿيل في مسافر لاءِ 15 لک ۽ في زخمي لاءِ 5 لک معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. رحيم يار خان جي ڊپٽي ڪمشنر موجب ريل مان سمورن مسافرن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ ريلوي لائن ڪليئر ڪرڻ جو ڪم جاري آهي. هوڏانهن هڪ ٻئي حادثي ۾ موٽروي تي اسلام آباد لڳ بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 11 فوت ۽ 46 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته برسات دوران ڊرائيور موبائيل فون تي ڳالهائيندو رهيو ۽ سندس لاپرواهي سبب حادثو پيش آيو. پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪجهه عيني شاهدن ٻڌايو ته ڊرائيور کي موبائل تي ڳالهائڻ کان روڪيو به ويو پر هن ڳالهه نه ٻڌي.

“صادق آباد لڳ ٽرين ٽڪر ۽ موٽر وي تي بس ڪلٽي ٻن حادثن ۾26 فوت، 100 کان مٿي زخمي” هڪ تبصرو

  1. بھترين تمام ڪم پئي ڪري سنڌ يار
    بلڪل بہ ساراھ جوڳو عمل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو