شڪارپور (عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ قبائلي دشمني ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا، پوليس پاران بڊاڻي جتوئي گينگ خلاف وڏو آپريشن شروع۔ تفصيل موجب، شڪارپور جي علائقي ٽائون چڪ جي ويجهو ڳوٺ بيچانجي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي بڊاڻي قبيلي جي هٿياربند ماڻهن شر برادري جي هڪ گهر تي راڪيٽ لانچر ۽ هٿيارن سان حملو ڪري ڇڏيو۔ پوليس موجب، حملي آورن گهر کي گهيري ۾ آڻي راڪيٽ لانچر فائر ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ زور دار ڌماڪو ٿيو ۽ گهر جو وڏو حصو ملبي ۾ تبديل ٿي ويو۔ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ گهر جو مالڪ عبدالخالق شر، سندس ٻه پٽ خالد شر ۽ راجا شر، ڀاءُ عبدالستار شر ۽ مهمان عبدالجبار شر موقعي تي مارجي ويا۔ حملو اوچتو ڪيو ويو، جنهن سبب گهر وارن کي سنڀال جو موقعو نه ملي سگهيو۔ واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي، جڏهن ته حملي آورا فرار ٿي ويا۔ واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ نوٽيس وٺندي پوليس جي وڏي نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو۔ پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پوليس ترجمان موجب، وڊو بڊاڻي جتوئي گينگ خلاف وڏي پيماني تي تابڙتوڙ ڪارروائي جاري آهي۔ آپريشن دوران ڏوهارين پوليس تي بي تحاشا فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻه ڏوهاري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا۔ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ چيو ته ماريل ڏوهاري شر برادري جي پنج فردن جي قتل ۾ ملوث هئا۔ وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي۔ شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته قتل ۾ ملوث ٻين ڏوهارين لاءِ صرف هڪ پيغام آهي يا ته پاڻ کي قانون حوالي ڪن، نه ته مارجي وڃڻ لاءِ تيار رهن. هن وڌيڪ چيو ته قبائلي دشمنيءَ جي آڙ ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔ پوليس موجب، ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته واقعي جو سبب پراڻي قبائلي دشمني آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌان گولين جا خول ۽ راڪيٽ لانچر جا ٽڪرا هٿ آيا آهن۔ شڪارپور پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ امن بحال ٿيڻ تائين آپريشن جاري رهندو۔










