اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد کي هائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو.اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق شيخ رشيد جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي. وڪيل سردار عبدالرزاق خان جو چوڻ آهي ته عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي ٻن ڀائٽين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته شيخ رشيد کي سادن ڪپڙن ۾ ماڻهن گرفتار ڪيو.










