لاڙڪاڻو(ن س)شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ذوالفقار ڀٽو جونيئر ۽ فاطمه ڀٽو جي پنهنجي پٽ جونيئر مرتضيٰ ۽ مڙس گراهم جبران سان گڏ ڳڙهي خدابخش آمد جاري ،ذوالفقار جونيئر، فاطمه ڀٽو، سندس ور ۽ ٻين جي شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني، شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري وقت سوين ڪارڪن به موجود، ذوالفقار جونيئر ۽ فاطمه ڀٽو جي موجودگي ۾ ڪارڪنن جي نعريبازي، شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ذوالفقار جونيئر، فاطمه ڀٽو ۽ سندس ور گراهم جبران المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو روانا ٿي ويا ان کان اڳ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو پاران مزار تي قران خواني ڪرائي وئي، پ پ شهيد ڀٽو پاران اڄ شام ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسو به رٿيل آهي،پيپلزپارٽي پاران به شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي،بلاول ڀٽو به مير مرتضيٰ کي خراج پيش ڪيو،










