شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه

شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪارساز سانحي جي شهيدن جي يادگار تي حاضري،ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يادگار تي گلن پيش ڪيا، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، علي حسن زرداري، سعيد غني، وقار مهدي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪارساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي چيو ته ڪارساز سانحي جون سموريون شاهديون ان وقت جي حڪومت ختم ڪري ڇڏيون پر سانحي کي 17 سال گذري وڃڻ باوجود شهيدن جي قربانين کي وساري نه ٿو سگهجي، سندس چوڻ هوته ڪارساز ڌماڪي کان پوءِ حياتي کي خطرو هئڻ شهيد بي نظير ڀٽو زخمين جي عيادت لاءِ لياري ۽ اسپتال پهتي ، شهيد محترمه هڪ دلير ليڊر هئي سنڌو درياهه مان پنجاب پاران نوان ڪينال ڪڍڻ واري سوال تي وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي ڪڏهن به پوئتي ناهي هٽي، ان بابت مون پاڻ خط لکيو آهي ۽ سنڌ جي نمائندي پاران به لاڳاپيل فورم تي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي ، شهيد محترمه هڪ دلير ليڊر هئي،سنڌو درياهه مان پنجاب پاران نوان ڪينال ڪڍڻ واري سوال تي وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي ڪڏهن به پوئتي ناهي هٽي، ان بابت مون پاڻ خط لکيو آهي ۽ سنڌ جي نمائندي پاران به لاڳاپيل فورم تي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته 91ع وارو پاڻي ٺاهه به قبولڻ جوڳو نهن هيو پر خدشن باوجود اسان ان کي قبول ڪيو،وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته رواداري مارچ ۾ شريڪ ماڻهن تي ٿيل تشدد وارو واقعو افسوسناڪ آهي پر رواداري مارچ وارن جو رويو به مناسب نه هو، سندس چوڻ هوته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري واقعي تي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سخت نوٽيس ورتو آهي ،رواداري مارچ واري ڏينهن ٻي ڌر جا ارادا ٺيڪ نه هيا،ايئرپورٽ ڀرسان ٿيل حملي واري ڪيس بابت وڏي وزير جو چوڻ هوته ڪيس جي جاچ ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪجهه گرفتاريون به ڪيون ويون آهن

پهنجو تبصرو موڪليو