شهزاده محمد بن سلمان سان افيئر نه هيو: لِنڊِسي لوهان

لاس اينجلس (ڊيسڪ نيوز) هالي ووڊ جي اداڪاره ۽ خوبصورت ماڊل لِنڊسي لوهان پنهنجي بواءِ فرينڊ جي حوالي کان انڪشاف ڪيا آهن. هڪ انٽرويوءَ ۾ اداڪاره چيو آهي ته مونکي هڪ ڇوڪري ڌوڪو ڏنو، جڏهن ته اداڪاره سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان تعلق هجڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته اهڙيون خبرون ڪجهه وقت کان گرم هيون ته لِنڊِسي لوهان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جو افيئر هلي رهيو آهي. ان بعد سندن بريڪ اپ جون خبرون به هليون. خوبصورت اداڪاره پاران جڏهن بواءِ فرينڊ سان بريڪ اپ جو اظهار ڪيو ويو ته اڪثر ماڻهن اهو ئي چيو ۽ سمجهيو ته سندس شهزاده محمد بن سلمان سان بريڪ اپ ٿيو آهي پر هاڻي انٽرويو ڏئي لِنڊِسي لوهان واضح ڪندي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته منهنجو شهزاده محمد سلمان سان افيئر ناهي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو