شهر قائد ۾ فائرنگ، شهري مارجي ويو، زال سخت زخمي

شهر قائد ۾ فائرنگ، شهري مارجي ويو، زال سخت زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گارڊن ويسٽ حسن لشڪري جي ويجهو هڪ فليٽ ۾ فائرنگ ۾ هڪ شهري مارجي ويو، جڏهن ته سندس زال سخت زخمي ٿي پئي.واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته مقتول جي لاش ۽ زخمي عورت کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ 40 سالن جي سليمان ۽ زخمي عورت جي سڃاڻپ پلوشه جي نالي سان ٿي آهي. مقتول سليمان جي لاش کي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد جوابدار کي ڳولي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو