ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان سان گڏ ڪلفٽن پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري سيوريج پمپنگ جو معائنو ڪيو ۽ نيڪالي جي ڪمن جو جائزو ورتو دوري جي دوران ميئر ڪراچي جي سياسي معاملن بابت ترجمان ڪرم الله وقاصي چيف انجنيئر آفتاب عالم چانڊيو ۽ وسيم اختر شيخ سميت ٻيا اعليٰ عملدار ساڻس گڏ هئا ان موقعي تي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جو عملو روڊن تان برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ مصروف آهي ۽ ان سلسلي ۾ شهر جي سمورن وڏن روڊن تان واٽر ڪارپوريشن جي سڪشن ۽ جيٽنگ مشينن سميت ڳري مشينري ذريعي برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ شهر ۾ برسات کانپوءِ شاهراھ فيصل شاهراھ پاڪستان شاهراھ قائدين راشد منهاس روڊ ۽ ٻين روڊن تان برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم جاري آهي ھن چيو تہ ميونسپل ڪارپوريشن ۽ واٽر ڪارپوريشن سميت سمورا ادارا شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت سرگرم آهن جڏهن تہ برساتن دوران نالن جي صفائي جو ڪم پڻ جاري آهي ۽ شهري انتظاميا جي هر ممڪن ڪوشش ھوندي تہ برساتن ۾ شهرين کي ڪنهن بہ پريشاني کي منهن نہ ڏيڻو پوي ھن چيو برسات واري پاڻي جي نيڪالي مڪمل ٿيڻ تائين واٽر ڪارپوريشن جون گاڏيون روڊن تي موجود رھنديون ۽ وڌيڪ برساتن جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو رهندي ميئر ڪراچي چيو ميونسپل سروسز جي آفيسرن ۽ عملي سان گڏ اس آئون پاڻ بہ ڪمن جي نگراني ڪندس تہ جيئن شهرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نہ پوي ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سميت ٻين سمورن مڪاني ادارن سان گڏجي برساتي پاڻي جي نيڪالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪري رهي آهي هن شهرين کي اپيل ڪندي چيو تہ اھي برسات دوران احتياطي اپاءَ اختيار ڪندي غير ضروري حرڪت کان پاسو ڪن ۽ گهرن کان ٻاهر نہ نڪرن.










