ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس ڪراچي ۾ مخدوش عمارتن بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر ڪراچي، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA)، چيئرمين آباد ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ شهر ۾ موجود خطرناڪ ۽ خستہ حال عمارتن جي صورتحال، شهري ماڻهن کي درپيش خطرن ۽ انهن جي تدارڪ لاءِ جامع حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن هدايت ڪئي ته مخدوش عمارتن جي سڃاڻپ، رهواسين جي محفوظ منتقلي ۽ بعد ۾ عمارتن کي ڊاهڻ واري عمل کي منظم ۽ شفاف بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچي سگهجي، صوبائي وزير چيو ته حڪومت مخدوش عمارتن بابت نوان قانون متعارف ڪرائي رهي آهي جن ۾ شفافيت کي بنيادي حيثيت حاصل هوندي جڏهن ته انهن قانونن ۾ عوامي مفاد کي هر صورت ۾ اوليت ڏني ويندي، هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته عمارتن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن واري عمل کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن معلومات تائين آسان رسائي ممڪن ٿي سگهي ۽ غير قانوني تعميرن جي بروقت سڃاڻپ ٿي سگهي، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته مخدوش عمارتون نه صرف رهواسين پر ڀرپاسي وارن ماڻهن لاءِ به سنگين خطرو آهن، تنهنڪري انهن خلاف فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ لازمي آهن، هن عمارتن جي مالڪن ۽ لاڳاپيل ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ۽ حڪومت سندن جائز مفادن جو هر ممڪن تحفظ يقيني بڻائيندي، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته مخدوش عمارتن جي متاثر ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا ۽ کين متبادل رهائش يا ٻين سهولتن جي فراهمي بابت به جائزو ورتو ويندو، صوبائي وزير هدايت ڪئي ته مخدوش عمارتن کي ڊاهڻ کان وٺي ٻيهر تعمير تائين سموري عمل ۾ قانون، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام جو اعتماد بحال رهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ مختلف علائقن ۾ موجود خطرناڪ عمارتن جي فهرست جو به جائزو ورتو ويو ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٽائم لائن ڏئي ڪارروائي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته تازين برساتن ۽ عمارتن جي خستہ حالت سبب ڪنهن به وقت وڏن حادثن جو خدشو آهي جنهن جي پيش نظر حڪومتي قدم انتهائي اهميت اختيار ڪري ويا آهن، ڪراچي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ مخدوش عمارتن جي مسئلي جو مستقل ۽ اثرائتو حل ڪڍيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ سڀئي ادارا گڏجي ڪم ڪندا.










