ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳواڻ ايم ڪيو ايم فاروق ستار چيو ته شهرن کي آرٽيڪل 140 تحت اختيار ڏنا وڃن.اڳواڻ ايم ڪيو ايم فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته وزيراعظم 28 هين ترميم تي ايم ڪيو ايم کي ٽرڪ جي بتين جي پويان لڳايو آهي. فاروق ستار چيو ته مراد علي شاهه کي خبر هجڻ گهرجي ته هن ڀيري اسان ٽرڪ ۾ ويٺا آهيون ۽ ٽرڪ به هلائي رهيا آهيون. ايندڙ هفتي ۾ وزيراعظم سان اسان جي هڪ ٻي ملاقات آهي. وزيراعظم پاڻ چيو ته اسان ڪراچي تي مڪمل ڌيان ڏينداسين. ڪراچي جي ماڻهن کي جلد خوشخبري ملندي.هن چيو ته وزيراعظم اسان کي ٻڌايو ته ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ ۾ سياسي مجبوري هئي. هن ڪامران ٽيسوري جي خدمتن جي تعريف ڪئي.










