شھدادپور (ن س)شھدادپور ۾ ڏيٿا چوڪ تي ڪيلو وڪرو ڪندڙ نوجوان پورھيت روڊ ڪراس ڪندي ٽرڪ مٿان چڙھڻ سبب ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت پوليس ڊرائيور سميت ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو شھدادپور شھر جي ڏيٿا چوڪ تي ريڙھي تي ڪيلو وڪرو ڪندڙ نوجوان پورھيت ابراھيم بالادي رھندڙ ڳوٺ عالم بالادي روڊ ڪراس ڪندي ٽرڪ مٿان چڙھڻ سبب ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو اطلاع تي شھدادپور پوليس پھچي ڊرائيور کي ٽرڪ سميت تحويل ۾ وٺي فوتي پورھيت جي لاش کي سمس اسپتال پھچايو ويو










