شهدادپور: (ن س) شهدادپور ۾ 10 ڏينھن اڳ نوابشاھ مان گھران نڪري پسند جو پرڻو ڪري رھندڙ پريمي جوڙي تي ھٿياربندن حملو ڪري پريمي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پريميڪا کي کڻي فرار ٿي ويا. شھدادپور شھر جي راشدي ٽائون ۾ ڪار ۾ سوار هٿياربند ماڻهن گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ ۾ چودڳي ڀرسان ڳوٺ دوست محمد کوسو جو رھواسي 35 ورهين جو نوجوان پريمي عبدالغفور ولد صاحب خان کوسو مارجي ويو جڏهن تہ ڪار ۾ سوار هٿياربند ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا ته مارجي ويل نوجوان پريمي جي فائرنگ ۾ ٻه هٿياربند ماڻهو زخمي ٿي پيا پريمي جون گوليون ختم ٿيڻ سبب هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان پريمي کي قتل ڪري نوابشاھ شھر جي فوجي ڪالوني جي نواجون ناري پريميڪا صائمہ ڌيءَ شعبان کوسو کي ھٿياربند ڪار ۾ وجھي کڻي فرار ٿي ويا مقتول نوجوان پريمي 10 ڏينهن اڳ نوابشاهه مان گھران نڪري صائمه کوسو سان پسند جو پرڻو ڪري شادي ڪئي هئي ۽ شھدادپور شھر جي راشدي ٽائون ۾ اڇي رھيو ھو تہ هٿياربند ماڻهن اوچتو حملو ڪري پريمي کي قتل ڪري پريميڪا صائمه کوسو کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.اطلاع تي شھدادپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھڇي لاش تحويل ۾ وٺي سمس اسپتال آندو ايس ايڇ او شھدادپور عمران چانڊيو ٻڌايو تہ پوليس فرار ٿي ويل هٿياربند ماڻهن جي پٺيان موڪلي ناڪا بندي ڪرائي وئي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.










