اوٻاوڙو )ن س ) اوٻاوڙو ويجهو ڪجھ ڏينهن اڳ سردار شهريار خان شر مٿان حملي ۾ ملوث رونتي: ڪچي واري علائقي ۾ سيلرا گينگ خلاف پوليس آپريشن جاري آهي ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته: آپريشن جي نگراني پاڻ ڪري رھيو آھيان، سيلرا گينگ اڳوڻي ايم پي اي شھريار خان شر مٿان حملي واري ڪيس ۾ گهربل آھي، آپريشن ۾ 02 اي پي سيون بڪتربند گاڏيون، 40 پوليس موبائلون ۽ وڏي انگ ۾ پوليس نفري حصو وٺي رھي آهي ڪچي جا داخلي ۽ خارجي رستا بند ڪيا ويا آھن، آپريشن ذريعي جوابدارن کي تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو، ايس ايس پي گهوٽڪي جو هي چوڻ آهي۔










