شر تي حملي جو ايس ايس پي کان پڇيو، گرفتار ايس ايڇ او جا الزام

شر تي حملي جو ايس ايس پي کان پڇيو، گرفتار ايس ايڇ او جا الزام

گهوٽڪي(ن س)سردار شهريار شر تي قاتلاڻي حملي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او رائونتي جا ايس ايس پي گهوٽڪي تي ملوث هئڻ جا الزام لڳائي ڇڏيو،ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ايس ايڇ او شڪور لاکو چيو ته ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽي ڏوهارين جي فرمائش تي ونگار وهندي مون کي ناحق ڦاسايو آهي، ايس ايس پي کان پڇو ته شهريار شر تي حملو ڪيئن ڪيو ويو؟ منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، پوليس پاران ايس ايڇ او شڪور لاکو کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪيو ويو،شهر يار شر تي حملي واري ڪيس ۾ ايس ايس پي جي حڪم تي گذريل ڏينهن ايس ايڇ او رائونتي کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو،پوليس اڄ ايس ايڇ او شڪور لاکو کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت شڪور لاکو کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو