شبلي فراز جو نالو اي سي ايل مان هڪ هفتي اندر ڪڍڻ جو حڪم

شبلي فراز جو نالو اي سي ايل مان هڪ هفتي اندر ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد( بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز جو نالو هڪ هفتي اندر اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته گهرو سيڪريٽري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي.شبلي فراز عدالتي حڪم تي اي سي ايل مان نالو نه ڪڍڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي.اڄ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري پڇاڻو ڪيو ته اڃا نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو ويو آهي؟عدالت ۾ وڪيل جواب ڏنو ته نه ٻڌائي رهيا آهيون ۽ نه ئي رپورٽ ڏئي رهيا آهيون.جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته اهي معاملا اسيمبليءَ ۾ بحث ڇو نه پيا ٿين، اهي پارليامينٽ جا آهن.بعد ۾ عدالت هڪ هفتي اندر نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي عمل درآمد نه ٿيڻ جي صورت ۾ گهرو سيڪريٽري کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو