شاگردياڻي فهميده لغاري جي آپگهات جو نئون رخ، اختيارين جو نوٽيس

شاگردياڻي فهميده لغاري جي آپگهات جو نئون رخ، اختيارين جو نوٽيس

ميرپورخاص:(ن س) ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي آپگهات وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، ميرپورخاص جي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر عابد لغاري ۽ شاگردن جي گروپ جي بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي اسانجي نياڻي اهڙو انتهائي قدم کنيو، واقعو خودڪشي نه پر قتل آهي فوري طور پروفيسر ۽ شاگردن جي گروپ کي گرفتار ڪري سندن موبائل فون هٿ ڪيا وڃن، نياڻي جي تڏي تي ويٺل وارثن جو الزام، معاملي جو آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران نوٽيس وٺڻ بعد ڊي آئي جي ڪيپٽن (ر) عبداللھ چاچڙ پاران نوٽس ايس ايس پي جي سربراهي ۾ 03 رڪني ڪميٽي قائم، يونيورسٽي جي چانسلر پاران الزام هيٺ آيل پروفيسر کي معطل ڪري معاملي جي جاچ لاءِ 03 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، فوتي ناري جي والد انتظار حسين لغاري چيو ته منهنجي نياڻي کي پروفيسر عابد لغاري فيل ڪرڻ جو ڊپ ڏئي پئسن جي گهر ڪئي مون اهڙي شڪايت يونيورسٽي جي پرنسپال کي ڏني پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو. ميرپورخاص جي نجي محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميديڪل جي شاگردياڻي فهميدا لغاري جي خودڪشي واري معاملي ۾ وارثن پاران نوان انڪشاف ڪيا ويا آهن، فوتي فهميدا لغاري جي تڏي تي ويٺل سندس والد انتظار حسين لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهجي نياڻي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل شاگردياڻي هئي جيڪا ڪاليج جي ٽاپر هئي جڏهن ته محمد ميديڪل ڪاليج ۾ پروفيسر عابد لغاري ۽ شاگردن جو هڪ گروپ جنهن ۾ عبدالله، عبدالرحمان شامل َآهن جيڪي نياڻين کي مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪرڻ سميت مختلف طريقن سان ٽارچر ڪندا آهن. جڏهن ته گذريل ڪجھ ڏينهن کان پروفيسر عابد لغاري نياڻي کي بليڪ ميل ڪري 40 هزار گهري رهيو هو چيائين جيڪڏهن پئسا نه ڏنا ته منهجا لمس ڪاليج ۾ واسطا آهن آئون پريڪٽيڪل ۾ فيل ڪرائي ڇڏيندس جنهن بعد نياڻي مون سان اهڙي شڪايت ڪئي جنهن بعد آئون ميڊيڪل ڪاليج ويس اهڙي شڪايت پرنسپال ظفر حسين تنوير کي ڏني ۽ پرنسپال جي گهرواري پڻ پروفيسر آهي فهميدا اهڙي شڪايت پرنسپال جي گهرواري کي ڏني جڏهن مون چيو ته سال جا لکين روپيا فيس جي مد ۾ ادا ڪريون ٿا ته پوءِ رشوت ڇو ڏيون پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو.فهميده لغاري جي والد موجب شڪايت تي پروفيسر ۽ سندس گروپ مڇرجي پيا نياڻي کي وڌيڪ بليڪ ميل ڪيو جنهن ڪري تنگ ٿي نياڻي اهڙو انتهائي قدم کنيو واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين ، جڏهن ان موقعي تي فوتڻ شاگردياڻي جي مامن، افتخار لغاري، مصدق لغاري، ڊاڪٽر وسيم لغاري چيو ته فهميدا هڪ بهادر نياڻي هئي ڪاليج ۾ ڪو به مسئلو ٿيندو هو ته هو اسان کي ٻڌائيندي هئي ڪجه ڏينهن پهريان هن ٻڌايو ته پروفيسر عابد کيس موبائل تي غلط مسيج ڪندو آهي گٿا لفظ پڻ ڳالهائيندو هو هن سان گڏ شاگردن جو هڪ گروپ آهي جيڪو پڻ نياڻين کي بليڪ ميل ڪندو آهي هنن چيو ته اسان سمهجهون ٿا ته واقعو خودڪشي نه پر قتل آهي اسان پنهجي نياڻي جي خون جي انصاف لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين جڏهن ته في الحال پوليس تعاون ڪري رهي آهي جڏهن ته پروفيسر پاران نياڻي کي بليڪ ميل ڪرڻ جو ثبوت پڻ نياڻي جي موبائل فون ۾ آهي جيڪو موبائل فون اسان پوليس کي ڏنو آهي فوتڻ جي ڀيڻ مهڪ لغاري چيو ته فهميدا تمام گهڻو پريشان هئي جيڪا اڪثر پاڻ سان ٿيل زيادتين بابت روئي ٻڌائيندي هئي فوت ٿيڻ کان اڳ هن چيو ته مون سان ظلم ٿيو آهي جيڪڏهن آئون مري وڃان ته منهجو حساب وٺجو جيئن ٻين نياڻين سان زيادتي نه ٿئي وارثن چيو ته اسان واقعي جو ڪيس داخل ڪرائينداسين ، تڏي تي ويٺل سماجي اڳواڻ واجد لغاري ، ڊاڪٽر دلدار لغاري ، حاجي حسين بخش لغاري چيو ته سنڌ جون ميڊيڪل ڪاليجون نياڻين لاءَ درسگاهون نه پر مقتل گاه بڻيل آهي جڏهن ته ڄاڻايل محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ اهڙا واقعا اڳ به ٿيا آهن جنهن ۾ نياڻين کي پريشان ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته فهميده لغاري هڪ بهادر ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي جنهن کي اتي مقرر پروفيسر عابد لغاري ۽ سندس گروپ پاران مختلف طريقن سان حراسان ڪري بليڪ ميل ڪيو ويو نياڻي کي ايترو تنگ ڪيو ويو جو هن تنگ ٿي پنهجي زندگي جو انت آندو هنن چيو ته سنڌي ماڻهو اڪثر نياڻين کي تعليم ڏيڻ کان لنوائن ٿا جيڪي والدين پنهجي نياڻين کي اعليٰ سطح تي تعليم ڏيارين ٿا انهن نياڻين کي يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ اهڙا بگهڙ صفت ماڻهو بليڪ ميل ڪن ٿا اسان سمجهون ٿا هي خودڪشي نه پر قتل آهي فوري طور ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ بعد سندن موبائل فون هٿ ڪيا وڃن ان جو رڪارڊ ملڻ سان وڌيڪ انڪشاف سامهون ايندا ڇاڪاڻ ته هتي بليڪ ميلرن جو هڪ منظم گروه آهي جيڪو هوشيار شاگردياڻين کي مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪن ٿا هنن چيو ته جيڪڏهن ان گروھ خلاف ڪاروائي نه ٿي ته مستقبل ۾ وري اهڙا واقعا پيش ايندا.ٻئي طرف ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميدا لغاري پاران مبينا خودڪشي واري معاملي جو ڊي آئي جي ميرپورخاص پاران نوٽس وٺندي واقعي جي جاچ لاءُ ايس ايس پي جي سربراهي ۾ 03 رڪني ڪميٽي جوڙي نوٽفڪيشن جاري ڪيو ويو سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي جي حد اسڪيم نمبر 02 جي رهائسي ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميدا لغاري واري واقعي جو آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران نوٽس وٺندي ڊي آئي جي کي واقعي جي تفصيلي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي آئي جي آفيس مان جاري ٿيل بيان موجب واقعي جي هر پاسي کان شفاف جاچ ڪري متاثر ڪٽنب کي تحفظ فراهم ڪرڻ سميت هر ممڪن قانوني مدد فراهم ڪئي وڃي جنهن بعد ڊي آئي جي ڪيپٽن (ر) فيصل عبداللھ چاچڙ پاران نوٽس وٺندي واقعي جي جاچ لاءَ 03 رڪني ڪميٽي جوڙي ويئي جنهن ۾ ڪميٽي جو چيئرمين ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاه کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ميمبرن ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر مير آفتاب حسين ٽالپر ۽ اي ايس پي سٽي قرت العين شامل نوٽيفڪشن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري 10 ڏينهن اندر رپورٽ ڏني وڃي ٻيطرف محمد ميڊيڪل ڪاليج جي اونر ابن سينا يونيورسٽي جي چانسلر ڊاڪٽر سيد رضي محمد پاران فهميدا واقعي بعد الزام هيٺ آيل پروفيسر ڊاڪٽر عابد لغاري کي معطل ڪري معاملي جاچ لاءِ 03 رڪني ڪميٽي جوڙي ويئي جنهن ۾ سينئر ڊاڪٽر پروفيسر شمس العارفين، پروفيسر رياض قدير ۽ ڊاڪٽر حرا آصف شامل آهن جاچ ڪميٽي جاچ ڪري 10 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو