شاگردياڻي طرفان آپگهات جو ڪيس داخل، پرنسپال به نامزد

شاگردياڻي طرفان آپگهات جو ڪيس داخل، پرنسپال به نامزد

ميرپورخاص: (ن س)ميرپورخاص ۾ نجي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي طرفان ڪيل آپگهات جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال کي به نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس موجب مقتوله شاگردياڻي جي مامي جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ جنسي حراسمينٽ ۽ آپگهات تي مجبور ڪرڻ جا قلم به لڳايا ويا آهن.داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب ليڪچرار ۽ 2 شاگردن فرسٽ ايئر ۾ حاصل ڪيل نمبرن جي حوالي سان شاگردياڻي کي بليڪ ميل ڪندا رهيا. پرنسپال ۽ انهي جي پروفيسر گهر واري کي به ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي پر جوابدارن جي موجودگي ۾ شاگردياڻي تي شڪايت واپس وٺڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ انڪار تي داخلا رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي.جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته آپگهات جي سببن جو جائزو ورتو پيو وڃي. هوڏانهن ميڊيڪل ۾ ميڊيڪل شاگردياڻي جي آپگهات واري معاملي تي وارثن ۽ سول سوسائٽي طرفان ٽول پلازه تي ڌرڻو پڻ هنيو ويو. جنهن ۾ مظاهرين طرفان نامزد جوابدارن جي گرفتار جو مطالبو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو