شاگردن کي منشيات اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ جوابدار گرفتار

شاگردن کي منشيات اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ جوابدار گرفتار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) اي اين ايف مختلف شهرن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري 390 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، مانسهره ۾ جوابدار کان 400 گرام چرس هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف به ڪيو آهي.اي اين ايف چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڪوريئر آفيس تي برطانيه لاءِ ڪتاب جي پارسل مان 124 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ خيابان فردوسي روڊ تي هڪ جوابدار کان 2 ڪلوگرام برف هٿ ڪئي وئي.ترجمان موجب پشاور جي حيات آباد ۾ هڪ ڪوريئر آفيس تي ساهيوال لاءِ ڪتاب جي پارسل مان هڪ ڪلوگرام برف هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته علي زئي ضلعي پشين ۾ هڪ ڪارروائي دوران 387 ڪلوگرام هيروئن هٿ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو