ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي سنڌ جي وڏي وزير ايران حادثي ۾ شهيدن ۽ زخمين جي مالي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو.سنڌ جي وڏي وزير جو ايران ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن کي في خاندان 50 لک ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ايران حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي هڪ لک رپيا في ماڻهو ڏنا ويندا،سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي شهيدن کي وطن واپس آڻڻ لاءِ مڪمل انتظام ڪيا آهن،چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته معاوضو جاري ڪرڻ بابت سمورا انتظام ۽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي.










