شاهين آفريدي جي اقصيٰ سان مڱڻي جي تصديق

شاهين آفريدي جي اقصيٰ سان مڱڻي جي تصديق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ٽيم لاهور قلندر جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي موجب سندس توجه هاڻي ڪرڪيٽ تي آهي پر ان سان گڏ ئي هو جلد شادي ڪرڻ جو به ارادو رکي ٿو. شاهين شاهه آفريدي ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد خان آفريدي جي ڌيءَ اقصيٰ جي مڱڻي جون خبرون گذريل سال مارچ کان گردش ڪري رهيون هيون، پر ان جي تصديق نه ٿي سگهي هئي. شاهد آفريدي مارچ 2021 ۾ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ تصديق ڪئي هئي ته شاهين آفريدي جي گهرواري سندس ڌيءَ جو هٿ گهريو آهي ۽ سندس گهروارن به رشتي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي پر هن مڱڻي جي تصديق نه ڪئي هئي. پر هاڻي شاهين آفريدي تصديق ڪئي آهي ته هن مڱڻي ڪئي آهي ۽ هو ڪجهه وقت کانپوءِ شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو پر هن وقت سندس ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي. اهرو اظهار هن سهيل وڙائچ ج پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو ۽ چيو ته سندس مڱينديءَ سان ملاقات به ٿي آهي، سندس پڙهائي جاري آهي، منهنجي جان مونکي ملي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو