ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي محتسب اعليٰ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگرد اويس احمد ڀيو جي درخواست تي اهم فيصلو ڪندي شاگرد جو قيمتي سال بچائي ورتو آهي. يونيورسٽي انتظاميا پاران ڪلينيڪل فارميسي جي ٻئي سيمسٽر جي شاگرد اويس احمد ڀيو کي فيل قرار ڏئي ڇڏيو هو. جڏهن ته سندس پويون تعليمي ريڪارڊ تمام شاندار ۽ بهتر هيو. اويس احمد ان ناانصافي خلاف صوبائي محتسب اعليٰ کي درخواست ڏني، جنهن تي مڪمل جاچ شروع ڪئي وئي. جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته يونيورسٽي انتظاميا هن کي فيل ڪرڻ جي فيصلي ۾ سنگين غلطي ڪئي هئي. محتسب اعليٰ جي هدايتن تي عمل ڪندي يونيورسٽي انتظاميا اويس احمد ڀيو کي ڪلينڪل فارميسي جي امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنو، جنهن سان شاگرد جو قيمتي تعليمي سال ضايع ٿيڻ کان بچي ويو. اويس احمد ان فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي صوبائي محتسب اعليٰ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اها انصاف جي فتح ٿي آهي. جنهن سان هن جو تعليمي سفر بحال ٿيو آهي. ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت هن ڪيس يونيورسٽي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته هو مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ شاگردن سان انصاف وارو رويو اختيار ڪيو وڃي ۽ انهن جي تعليمي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.










