ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي ملاقات ڪئي،ترجمان وزيراعليٰ هائوس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ملاقات ۾ ٻنهي صوبائي اسيمبلين جي اجلاسن ۽ ڪاروباري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ملاقات ۾ موسم جي تبديلين کانپوءِ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو،سنڌ جي وڏي وزير بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جو دوري تي استقبال ڪيو،ملاقات ۾ ٻنهي صوبائي اسيمبلين سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو










