ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي،ترجمان وزيراعليٰ هائوس موجب ايما فين پنهنجي وفد سان گڏ ملاقات لاءِ سي ايم هائوس پهتي، ملاقات ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اين ڊي نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻيا آفيسر شرڪت ڪئي، اي ڊي بي جي وفد ۾ ڊپٽي ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم، پروگرام آفيسر خيام سهيل عباسي، پروجيڪٽ آفيسر حامد خان ۽ عدنان علي پڻ اجلاس جو حصو هئا،ملاقات ۾ اي ڊي بي جي سهڪار سان جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ بي آر ٽي ريڊ لائين، شهري ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر ۽ موسمياتي تحفظ جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي،ريڊ لائين منصوبي جي مسئلن جي حل بابت ٽرانسپورٽ وزير شرجيل ميمڻ جي بريفنگ ڏني، وڏي وزير ريڊ لائين تي ڪم جي بحالي تي اطمينان جو اظهار ڪيو،،مراد علي شاهه چيو ته اي ڊي بي جا منصوبا سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڀليڪار آهن، ايشين بينڪ سنڌ حڪومت جو هڪ ڊگهي عرصي کان قابل اعتماد ترقياتي پارٽنر آهي، ٽرانسپورٽ، پاڻي، موسمياتي تحفظ ۽ انفراسٽرڪچر ۾ پائيدار شروعات جاري رکندو،منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي،وڏي وزيراعليٰ ايشيائي بينڪ جي وفد کي يقين ڏياريو ته اهي سڀئي رڪاوٽون ختم ڪري ريڊ لائين منصوبي جي ڪم کي تيز ڪندا، ايشين بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين سنڌ حڪومت جي عزم ۽ ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي،ايما فن چيو ته سنڌ حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، ايشين بينڪ شهري ٽرانسپورٽ، ترقياتي منصوبن لاءِ پنهنجي ڀائيواري جاري رکندو، ايشين بينڪ منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ لاءِ اضافي فنڊ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ميٽنگ ۾ بي آر ٽي جي حفاظتي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ايشين بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وڏي وزير کي بريفنگ ڏني، ڪوسٽل ڊولپمينٽ پروجيڪٽ منظوري جي مرحلن ۾ آهي، منصوبو جلد منظور ڪيو ويندو،سنڌ ۾ 75 ملين ڊالر جا 6 وڌيڪ منصوبا پڻ منظوري جي مرحلن ۾ آهن، ميٽنگ ۾ ڪراچي جي اهم ٽي پي-4 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ تي پيش رفت جو جائزو ورتو ويو،وڏي وزير سيدمراد علي شاهه چيو ته ٽي پي-4 ڪراچي لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي، ايشين بينڪ کي تعاون وڌائڻ گهرجي، ورلڊ بينڪ ۽ اي ڊي بي ٽي پي-4 تي سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ترقياتي ڀائيواري کي باهمي تعاون ۽ گڏيل مقصدن سان وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو
مشهور خبرون










