ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آمريڪا جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو آهي. ڪراچي واپسي کانپوءِ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ساڻس ملاقات ڪئي جنهن ۾ انتظامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جاپان جي سفير وادا مستوهيرو پڻ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي جاپاني سفير چيو ته پاڪستان جاپان کي گارمينٽس ۽ زرعي مصنوعات برآمد ڪري ٿو. جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جاپان کي انب برآمد ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جاپاني سفير چيو ته سٺي معيار جي انبن جي جاپان ۾ سٺي مارڪيٽ آهي ۽ جاپاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. مراد علي شاهه کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ نوان اقتصادي زون قائم ٿي رهيا آهن. وڏي وزير جاپاني سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي، ملاقات ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ متاثرين جي بحالي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مراد علي شاهه چيو ته موسمي تبديلين سبب سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برسات ٿي رهي آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير سنڌ اسيمبلي جي جاري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران هن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه سان سندس سيٽ تي وڃي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني پڻ موجود هو. سنڌ اسيمبلي جي عورت ميمبرن به اچي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي جنهن تي وڏو وزير ساڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










