شادي ۽ طلاق منهنجو پنهنجو فيصلو هو: ميرا سيٺي

شادي ۽ طلاق منهنجو پنهنجو فيصلو هو: ميرا سيٺي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني نامياري اداڪاره، ليکڪا ۽ ميزبان ميرا سيٺي جو چوڻ آهي ته شادي ۽ طلاق منهنجو پنهنجو فيصلو هو، ڪنهن ٻئي کي ان جو ڏوهاري نٿي بڻايان. اداڪاره پنهنجي طلاق مان حاصل ٿيندڙ تجربن ۽ شادي جي فيصلي تي پهريون ڀيرو تفصيل سان خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ميرا سيٺي ڪيترن ئي مقبول ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن، جن ۾ ”ڪڇ ان ڪهي“، ”محبت صبح ڪا ستاره هي“، ”چپڪي چپڪي“ ۽ ”ڊاڪٽر بهو“ شامل آهن. هوءَ هڪ معروف صحافتي خاندان سان تعلق رکي ٿي، سندس والدين نجم سيٺي ۽ جگنو محسن ممتاز صحافي ۽ ٽي وي شخصيتون آهن، جڏهن ته سندس ڀاءُ علي سيٺي ملڪ جو نالي وارو گلوڪار آهي.ميرا سيٺي نومبر 2019ع ۾ ڪيليفورنيا ۾ بلال صديقي سان شادي ڪئي هئي، پر اها شادي گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ 2023ع ۾ طلاق تي ختم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ هن گذريل سال عوامي سطح تي پنهنجي طلاق جي تصديق ڪئي هئي. تازو ئي ميرا سيٺي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ بطور ميهمان شريڪ ٿي، جتي هن پنهنجي طلاق مان حاصل ٿيندڙ سبقن ۽ شادي جي فيصلي تي کلي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان حوالي سان هن چيو ته ”طلاق مان مون سڀ کان پهريان اهو سيکيو ته هميشه پنهنجي گَٽ فيلنگ (Gut Feeling/اندر جي آواز) تي انحصار نه ڪريو ۽ ڪنهن به شخص لاءِ پنهنجي شخصيت تبديل نه ڪريو، چاهي اهو توهان جو مڙس هجي، دوست هجي، باس هجي يا ڪو ٻيو.“ اداڪاره چيو ته ماڻهو ان ڳالهه کي پسند ڪندا آهن ته توهان سندن مطابق پاڻ کي تبديل ڪريو پر اها سٺي ڳالهه ناهي، اهي ئي ٻه وڏا سبق آهن جيڪي مون سيکيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ”مون پنهنجي زندگي جي ان تجربي مان گهڻو ڪجهه سيکيو، گهڻي ترقي ڪئي ۽ پهريان کان وڌيڪ سمجهدار ٿي وئي آهيان، هاڻي مان ان بابت کلي ڪري ڳالهائي سگهان ٿي ڇو ته منهنجي طلاق کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن ۽ مان ان مرحلي مان اڳتي وڌي چڪي آهيان.“ ميرا سيٺي جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر عورتن کي طلاق يا خلع تي تنقيد جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، ماڻهو چوندا آهن ته ڇوڪري ايڊجسٽ (گذر سفر) نه ڪري سگهي، مون تي شادي ڪرڻ جو ڪو به سماجي دٻاءُ نه هو، مون معاشري جي طئي ٿيل عمر جي مقابلي ۾ نسبتاً وڏي عمر ۾ شادي ڪئي، اهو مڪمل طور تي منهنجو ذاتي فيصلو هو جيڪو محبت ۽ آئيڊيلزم (تصوراتي چاهت) جي بنياد تي ڪيو ويو هو، ان فيصلي جي ذميوار مان پاڻ آهيان، مان ڪنهن ٻئي کي ان جو ڏوهاري نٿي بڻايان.

پهنجو تبصرو موڪليو